شري کٽ واري ڌرمشال شڪارپور

شري کٽ واري ڌرمشالا، شڪارپور: شڪارپور شهر جي تاريخي عمارت بابت روايت آهي ته هن ڌرمشالا جي تعمير اڄ کان 250 سال اڳ ۾ ٿي هئي، پر اهو پتو نه ٿو پوي ته اُن جي تعمير ڪنهن ڪرائي هئي. روايت آهي ته بابا گرداس رام پهريائين کٽ، نيزو ۽ تلوار کڻي گنداواهه پهتو، بعد ۾ پرچار لاءِ شڪارپور ۾ آيو. کٽ واري ڌرمشالا جو پهريون گادي نشين بابا گرداس رام صاحب هو ۽ آخري بابا رامداس صاحب هو. هن وقت هن ڌرمشالا جو گادي نشين ڪوبه نه آهي، باقي خاص شيواڌاري ڀيشم داس آهي. آڳاٽي وقت ۾ شهدادڪوٽ، اوستا محمد ۽ گنداواهه جا مندر هن ڌرمشالا جي سرپرستيءَ هيٺ هلندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو